حاقه سورة

حاقه سورة: حاقه سورة قرآن مجيد جي 69 نمبر سورة آهي، جيڪا اسلام جي ابتدائي دؤر ۾ مڪي ۾ نازل ٿي. هن سورة ۾ ٻه رڪوع ۽ ٻاونجاهه آيتون آهن. هن سورت جي نالي ۾ اشارو آهي ته الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي، جڏهن ان جو حڪم ٿي وڃي ٿو ته اهو حڪم اٽل هوندو آهي. هن سورة جي پهرئين رڪوع جو آغاز هن ڳالهه کان ٿئي ٿو ته قيامت جو اچڻ ۽ آخرت جو برپا ٿيڻ هڪ اهڙي حقيقت آهي، جيڪا ضرور پيش ايندي ۽ جن قومن به آخرت جو انڪار ڪيو، سي خدا جي عذاب جون مستحق هونديون. ٻئي رڪوع ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته قرآن مجيد ڪنهن شاعر ۽ ساحر جو ڪلام نه آهي، بلڪه هيءُ الله جو ڪلام آهي ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم کي اها طاقت نه آهي ته هو ان ڪلام ۾ پنهنجي طرفان هڪ لفظ ۾ به گھٽائي يا وڌائي سگهي. اگر هو ايئن ڪري ته اسان کان بچي نٿو سگهي.


لفظ حاقه سورةھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو